Pages

Thursday, 8 May 2014

نيوسعيد آباد جي صحافت: Habibur Rehman Jamali

نيوسعيد آباد جي صحافت جي تاريخ


نيو سعيد آباد پريس ڪلب جو بنياد 1980ع ۾ پيو ۽ ان جو بنياد اڪرم قائمخاني ۽ امتياز ميمڻ رکيو.
نيو سعيد آباد مان سنڌ سرهاڻ(15 روزا) پبلش ٿيندو هو. جيڪو 95ع  کان 2000ع  تائين هليو ۽ نيو سعيد آباد مئگزين سلسلي وار نيو سعيد آباد مان نڪرندو آهي.

گل حسن سمون:
تاريخ پيدائش 1956ع
صحافت جي شروعات:75-74ع
85ع ۾ صحافت ڇڏي ڏني
 گل حسن سمون نيو سعيد آباد جو  هڪ ارڏو ۽ ڪڏهن به آڻ نه مڃيندڙ صحافي هو. هن صحافت جي دوران پنهنجي فرضن ۾ ڪڏهن به غفلت نه ڪئي هڪ ٻهراڙي جو علائقو هجڻ ۽ 75- 74 وارو دور هجڻ سب نيو سعيد آباد ۾ کيس ڪابه اهڙي سهولت ميسر نه هئي، جو هن کي پنهنجي پيشوراڻي ذميواري نڀائڻ ۾ آساني ٿئي، پر ان باوجود گل حسن سمون وڏي ديده دليري سان حالتن سان مقابلو ڪري پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي. گل سمون ٻڌائي ٿو ته هونئن ته صحافين کي ڪيترائي مسئلا درپيش هئا پر ان سان گڏ اخبارن جي مالڪن جي خود غرضي به خود هڪ  خطرناڪ مسئلو بڻيل هو، پوليس جي خوف  سبب اخبارون سندن خلاف ڪنهن به قسم جون خبرون نه هلائيندا هئا ۽ صحافين کي 5-5 سال گذرڻ کانپوءِ به پريس ڪارڊ جاري نه ڪندا هئا، ان وقت نيو سعيد آباد ۾ اردو اخبارن جي تصور به نه هئي.
گل حسن سمون امن ۽ مساوات کان صحافت جي شرعات ڪئي هن ٻڌايو ته اداري 8 ڏينهن ۾  ڪارڊ جاري ڪري وڏي حوصلا افزائي ڪئي.
هن ٻڌايو ته ان زماني ۾ پوليس تشدد ڪري هڪ  شماڻهو کي ماري ڇڏيو هو مون ان واقعي جي  مون رپورٽنگ ڪئي ته پوليس گردي عروج تي هجڻ سبب مون کي تمام گهڻو پريشر ائيز ڪيو ويو ته مان ان جي ترديد ڪريان. مون اداري سان رابطو ڪري مسئلو ٻڌايو ته اداري منهنجي مالڪي ڪئي ۽ مون کي پوليس طرفان ملندڙ ڌمڪين خلاف  ڊبل ڪالم ۾ خبر هلائي ڇڏي، ان  خبر کانپوءِ پوليس ضد تان لٿي ۽ مون کان معافي ورتي وئي. (ايم آر ڊي) جي تحريڪ ۾ اڻ سڌي طرح تحريڪ هلائي ،گهڻيون خبرون اهڙيون به هيون جن کي اخبارون ڇاپنديون ن هيون پوءِnews desk VOS بي بي سي ، گارجين ۽ فرانس جي نيو ايجنسيز کي خبرون موڪلڻ شروع ڪيون.
24 ڪلاڪ روپوش هوندا هئاسين پوليس جي خوف سبب ۽ هالا کي به ڪور ڪندا هئاسين.
گل حسن سمون ٻڌايو ته (ايم آر ڊي) جي تحريڪ سبب سڄي ميڊيا هالا ۾ لٿل هئي. ڊي ايس پي مولا بخش انصاري، بي بي سي جي نمائندي اين هور کي لاڪپ ڪري ڇڏيو. اسان پڇڻ وياسين ته هن ٻڌايو پوليس بند ڪري ڇڏيو آهي. بلاول کوسو ۽ معروف ڀنڀرو ۾ آرمي ويٺل هئي. بعد ۾ اين هور آزاد ٿيو ، 
خليل الزمان وٽ هڪ اهم گڏجاڻي ٿي، ان وقت بي بي سي  ٻڌڻ به ڏوهه هو. ماڻهو  لڪي بي بي سي ٻڌندا هئا. ان وقت هڪ وڏو واقعو ٿيو لاکاٽ ۾ آرمي تي حملو ڪيو ويو  بدلي ۾ لاکاٽ ڳوٺ کي آرمي  وارن فضائيه مان باهه ڏئي ڇڏي.
وڏو واقعو:
گل حسن سمون ٻڌايو ته سندس صحافتي دور ۾ وڏو اوقعو 80 ۾ ٿيو.
 پوري پاڪستان مان اغوا ٿيل 32 ڇوڪرا خارڪارن کان ASP راهو خان بروهي ڇاپو هڻي بازياب ڪرايا هئا، نور ڪيٽي ٻيلي مان،
اها خبر اخبارن جي مين سرخي بڻجي وئي، سڄي ملڪ مان ماڻهو پنهنجي جگر جي ٽڪرن جي ملڻ جي اميد ڪري پهچي ويا. پر پٺاڻ خارڪارن جا ڌڻي تمام گهڻا بااثر هئا، هنن بازياب ٿيل ڇوڪرا پوليس کان وري واپس ڪرايا. ان بيواجبي ۽ ناانصافي جي  مون رپورٽنگ ڪئي. خبرون ميڊيا ۾ اچڻ بعد وڏو هنگامو ٿيو. ان وقت ڪرنل خبر هلائڻ عيوض مون کي  سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. مجبور ٿي ڪرنل جو موقف هلائڻو پيو  جنهن ۾ هن چيو ته ڇوڪرا  پٺاڻن جا ئي هئا جيڪي انهن کي واپس ڪيا ويا آهن ۽ ائين تاريخ جي وڏي ڏوهه بابت اسان چاهيندي به ڪجهه نه ڪري سگهياسين ۽ سڄي ملڪ مان پنهنجي پيارن کي ڳولهڻ لاءِ پهتل ماڻهو مايوس ٿي واپس روانا ٿي ويا.
صحافي گل حسن سمون  صحافت ڇڏڻ جا سبب ٻڌائيندي چوي ٿو ته:
آزاد ڪشمير جو وزير اعظم صدر ضياءُ الحق جو پيغام کڻي مخدوم طالب الموليٰ وٽ آيو هو، پر مخدوم طالب الموليٰ ڪنهن به قسم جي مفاهمت کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو. ان خفيه ميٽنگ جي خبر  جنگ جي حيدرآباد جي نمائندي رپورٽ ڪئي. خبر لڳڻ بعد مون کي اداري طرفان نوٽيس موڪليو ويو ته خبر  ڇو رپورٽ نه ڪئي؟. مون پنهنجي ذريعن کان معلوم ڪري جواب موڪليو ته مير خليل الرحمان جاپان جي دوري تي ويل آهي. جتي صدر ضياءُ الحق کيس عرض ڪيو ته تون خبر هلاءِ ته جئين ذوالفقار علي ڀٽو جو مورال ڪري،،.
مون شوڪاز  جو اهو جواب ڏئي چيو ته مان هاڻي  اوهان وٽ ڪم نه ڪندس.جواب ۾ هنن چيو ته تو کي اهو سڀ ڪيئن معلوم ٿيو؟   ، تون خطرناڪ ماڻهو آهين تو جهڙي ماڻهو جي ضرورت ناهي   . ان کانپوءِ دلشڪني ٿي صحافت ڇڏي ڏني. صحافت جي پويان پنهنجو دڪان به تباهه ڪيو.
گل حسن سمون هيٺين اخبارن ۾ رپورٽنگ ڪئي:
مساوات     امن     سنڌ نيوز   عبرت     هلال پاڪستان    ۽    جنگ



عبدالحميد لاکو
تاريخ پئدائش 1934ع نيو سعيد آباد
صحافت جي شروعات: 1960ع کان پوءِ
عبدالحميد لاکو 1947ع ۾ فائنل  (7 درجا) پاس ڪري  تعليم ڇڏي ڏني.
هيٺين اخبارن ۾ رپورٽنگ ڪئي: عبرت،  آفتاب، مهراڻ، خادم وطن ، هلال پاڪستان، الوحيد
آفتاب اخبار جو ايڊيٽر علي محمد شيخ هو.
عبدالحميد لاکو نيو سعيد آباد جو اهو صحافي آهي، جنهن سڀ کان اول نيو سعيد آباد اسٽيشن تان صحافت جي ميدان ۾ پير پاتو، هن نيو سعيد آباد ۾ سڀ کان پهرين الوحيد اخبار جو رپورٽر ٿي نيو سعيد آباد ۾ صحافت  کي متعارف ڪرايو. هن صحافت تمام احتياط ۽ درمياني نموني سان ڪئي.
هن ٻڌايو ته 1970ع ۾ ان وقت جي لحاظ کان صحافت تمام ڏکي به هوندي هئي ته ان جي تمام گهڻي عزت به هوندي هئي. هن ٻڌايو ته انور هالائي، گل هالاڻي، وڪيل سمون، علي نواز سمون، مجاهد، ذوالقرنين شاهه سان گڏجي اسان هالا ۾ پريس ڪلب جو بنياد رکيو، جنرل سيڪريٽري انور هالائي، صدر جهامراءِ نٿراڻي ۽ آئون عبدالحميد لاکو نائب صدر هئاسين.
 ان وقت به ڀٽائي جي ميلي تي دعوت ناما ڏيندا هئا. اسان شريڪ ٿي رپورٽنگ ڪندا هئاسين گورنر محمد  موسيٰ بهترين رپورٽنگ ڪرڻ تي اسان کي داد ڏيندو هو.
هن ٻڌايو ته واڻين جي لڏي وڃڻ جي ڪري  سنڌ کي معاشي ۽ تعليمي ميدان تي  تمام وڏو ڌڪ رسيو،  واڻين جي لڏي وڃڻ کانپوءِ 60 سيڪڙو اسڪول ڦٽي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ غريبن جا ٻار تعليم جي زيور  کان محروم ٿي رلي ويا، جڏهن ته اميرن خرچ ڪري پنهنجن ٻارن کي پڙهايو. هن ٻڌايو ته صحافت ڪندي وقت تمام سٺو گذريو. باقي ذريعا نه هجڻ سبب خبرون موڪلڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿيندي هئي.
هن ٻڌايو ته نيو سعيد آباد جي محمدي پارڪ ۾ 35 سالن کان ٿيندڙ جمعيت اهل حديث ڪانفرنس جو بنياد بديع الدين شاهه راشدي جي سرپرستي ۾ مون ۽ دودو رند رکيو. ان وقت ماڻهو اهو چئي اعتراض ڪيو ته اوهان نئون دين کڻي آيا آهيو.

گل حسن خاصخيلي:


تاريخ پيدائش 24-2-1980ع
گل حسن خاصخيلي 2004ع  ۾ نيو سعيد آباد کان 14 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر طرف واقع هڪ ننڍڙي اسٽاپ بکر جمالي اسٽيشن تان عوامي آواز جو رپورٽر ٿي صحافت جي شروعات ڪئي. سنڌو ۾ به رپورٽر رهي چڪو ۽ هاڻ آواز ٽي وي  جو بکر جمالي اسٽيشن مان رپورٽر آهي. گل حسن خاصخيلي اهڙن حساس مسئلن جي به رپوٽنگ ڪئي جن تي ڪير بحث ڪرڻ لاءِ به تيار نه هو. هن وڏيرن جي باشاهت ۾ مظلومن جي آواز کي  ايوان اقتدار تائين پهچائڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ڪيترائي دفعا بکر جمالي مان نيڪالي ڏني وئي پر هن انهن سڀني چئلينجن جو مقابلو ڪيو، گل حسن ٻڌايو ته آئون فخر ٿو ڪريان ته بکر جمالي ۾ صحافت ڪرڻ ٻارن جي راند نه هئي، هڪ ٻهراڙي جو علائقو ٻيو وري وڏيرن جي بادشاهت ۽ ٽيون وري سهولتون نه هئڻ برابر، پر پوءِ به مون بنا ڪنهن خوف جي اهو ڪم سر انجام ڏنو ۽ مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته مون جيڪا محنت ڪئي ان رنگ لاتو ۽ اڄ بکر جمالي ۾ آئون اڪيلو نه پر درجن کن صحافي ڪم ڪري رهيا آهن. گل حسن علائقي جي هر ننڍي توڙي وڏي مسئلي تي دليري سان  لکندو ٿو اچي.

زاهد ڪاڪا:
تاريخ پيدائش 18- 5 -1982ع
صحافت جي شروعات 2004ع کان پنهنجي ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا اسٽيشن تان  عوامي آواز جو رپورٽر ٿي ڪئي.
زاهد ڪاڪا هيٺين اخبارن ۾ رپورٽنگ ڪئي: سڪار: تعلقي رپورٽر, سوڀ: تعلقي رپورٽر  ڪاوش: تعلقي رپورٽر
فيصلو: ضلعي رپورٽر
ان کان علاوه پريس ڪلب نيو سعيد آباد جو جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ صحافي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري رڪارڊ واقعات آهي.
تعليم: ايم اي سوشالاجي ۽ ايم اي سنڌي




نيو سعيد آباد جا رپورٽر                                         اخبار                                                  اسٽيشن
------------------------------------------------------------------------------------------------
حسن سمون                                                     جنگ                                           نيو سعيد آباد
اطهر  جيلاني                                                   جنگ                                                                
اڪرم الله قائمخاني                                                جنگ
غلام الله رند
حبيب الله عمراڻي                                                 
غلام حسين ميمڻ                                                   عبرت
امتياز ميمڻ                                                          ڪاوش
قاسم قمبراڻي                                                        آواز
اڪرم قائمخاني   
محمد دين بلوچ                                                      ڪوشش
امداد الله رند
ممتاز ٻلال                                                        سنڌ ٽي وي
عبدالواحد عمراڻي                                               نيو سعيد آباد مئگزين
ڪرم الله ميمڻ
اسد الله ميمڻ
رائو طاهر
رائو سعيد الزمان
زاهد ڪاڪا                                                        سوڀ
آصف عمراڻي
امداد ميمڻ
حسين ميمڻ                                                          عبرت                                                    بکر جمالي
صحبت سهيل                                                       خبرون
غلام نبي سولنگي
نظير ملاح
وحيد ٻلال
محفوظ راجپوت
حزب الله سمون
عبدالرزاق ساهر
گل حسين خاصخيلي                                             آواز ٽي وي                                                بکر جمالي
علي حسن ڪاڪا                                                 ڪوشش                                                 بکر جمالي
خير محمد جمالي                                                   سوڀ                                                     بکر جمالي



 ------------------------------------------------------------------------------------------------


   Under supervision of Sir Sohail Sangi

ASSIGNMENT: HISTORY OF JOURNALISM 

 HABIB U RAHMAN


CLASS: M A {PREVIOUS}

DEPT: MASS COMMUNICATION